مودي سرڪار جي هاري دشمن پاليسين تي سڄي دنيا ۾ احتجاج جو سلسلو شروع

لنڊن: مودي سرڪار جي دور ۾ پهريان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري قيد خاني ۾ تبديل ڪيو ويو. پوءِ شهريت جي ڪاري قانون سبب اقليتن جا بنيادي حق ڦريا ويا ۽ هاڻ هارين مٿان به ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا پياو ڃن.رپورٽ موجب هڪ دفعو ٻيهر سڄي دنيا ۾ بي جي پي جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿي ويو آهي. مودي سرڪار جي هاري دشمن پاليسين جي خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي خاص طور تي هارين جي معاشي قتل جي خلاف سکن جي نعرن جا اولهين دنيا ۾ به آواز اچڻ شروع ٿي ويا آهن.لنڊن ۾ مودي سرڪار جي هاري دشمن پاليسي ۽ هارين مٿان رياستي جبر جي خلاف مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي سکهه اڳواڻ ڊاڪٽر آمرجيت سنگهه پاڪستاني حڪومت، ادارن ۽ خاص طور تي پاڪستاني ميڊيا هندوتوا جي خلاف مدد جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.ان حوالي سان خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سکن جي آواز کي سڄي دنيا ۾ ڦهلائڻ ۾ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ان حوالي سان هنن سک فوجين کي خالصتان تحريڪ ۾ شموليت جي دعوت به ڏني آهي.ان کان علاوه ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به ڀارت پاران هارين جي حڪومت پاليسين خلاف مظاهري جي حمايت ڪئي هئي ۽ مظاهرين طاقت جي استعمال تي مذمت جي اپيل هئي جنهن تي ڀارتي حڪومت هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي ڪينڊين هاءِ ڪمشنر کي به طلب ڪيو هو.واضح رهي ته ڀارت ۾ هارين جي تنظيمن طرفان دهلي چلو تحريڪ مودي سرڪار جون بنيادون هلائي ڇڏيون هيون. هارين سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ احتجاج سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔