بجلي جي معمولي جهٽڪي سان کاڌي جي شين جو ذائقو وڌائيندڙ چمچو

واشنگٽن: ٻارڙا ۽ بيمار ماڻهو ڪجهه کاڌا کائڻ کان انڪار ڪندا آهن پر هاڻ هڪ برقي چمچو ڪيترن ئي کاڌن جي ذائقي کي وڌائي سگهي ٿو.ميڊيا رپورٽ موجب هن برقي چمچي ۾ ڊوڙندڙ معمولي بجلي زبان تي موجود غذائي غدودن کي سرگرم ڪندي آهي. هن چمچي کي تيار ڪندڙ پيءُ ۽ پٽ آهن ۽ انهن جي ٺاهيل مصنوعات ايوارڊ به کٽي چڪي آهي. جنهن کان پوءِ هاڻ هنن(سپون ٽيڪ) جي نالي سان هڪ ٻيو چمچو تيار ڪيو آهي جيڪو ڏهي، آئسڪريم، سوپ ۽ ٻين غذائن جي ذائقي کي وڌائيندو آهي.چمچي ۾ سنسر لڳل آهي جيڪو معمولي بجلي خارج ڪندو آهي. برقي رو محسوس به ناهي ٿيندو پر ان سان زبان حرڪت ۾ اچي ويندي ۽ ان جو چٽپٽو ذائقو وڌي ويندو آهي. هن چمچي جي سڀني کان انوکي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن لوڻ کاڌي ۾ گهٽ به هجي ته هن چمچي سبب مقدار مناسب محسوس ٿيندي.اهي مريض جن کي ڊاڪٽر پرهيز ٻڌائيندا آهن اهي صرف زبان جي ذائقي لاءِ لوڻ، کنڊ يا ٻيون منع ٿيل شيون استعمال ڪندا آهن اهي هن چمچي جي ذريعي کاڌي جو مزو به وٺي سگهن ٿا ۽ اهو نقصان به نٿو ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔