ايپل صارفين کي آءِ او ايس استعمال ڪرڻ سبب بيٽري جي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو

نيويارڪ: ايپل صارفين کي پنهنجي ڊيوائس ۾ آءِ او ايس 14.2 اپ ڊيٽ ڪرڻ کان پوءِ بيٽري تيزي سان ختم ٿيڻ جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.پرڏيهي خبرون خبرون ڏيندڙ اداري موجب ٽيڪنالوجي ڪمپني ايپل نومبر ۾ آءِ او ايس 14.2 رليز ڪيو هو جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي صارفين طرفان شڪايتون سامهون آيون آهن.آءِ فون جي پراڻي ماڊلز آءِ فون ايڪس آر آءِ فون ايڪس ايس، آءِ فون ايڪس آءِ فون 7 ۽ آءِ فون ايس اي(2020) ۾ بيٽري تيزي سان ختم ٿيڻ جون شڪايتون رپورٽ ٿيون هيون.ٻئي طرف آءِ پيڊ استعمال ڪندڙ صارفين جو به چوڻ آهي ته جيستائين انهن پنهنجي ڊيوائس ۾ آءِ او ايس 14.2 اپ ڊيٽ ڪيو ته انهن کي به بيٽري تيزي سان ختم ٿيڻ جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پيو.صارفين جو چوڻ آهي ته آءِ او ايس 14.2 اپ ڊيٽ ڪرڻ کان پوءِ انهن جي فون جي بيٽري تمام گهڻي تيزي سان ختم ٿي رهي آهي. فون جي 50 سيڪڙو بيٽري اڌ ڪلاڪ ۾ ئي ختم ٿي ويندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔