ايف بي آر کي ٽيڪس گوشوارن جي تاريخ 60 ڏينهن وڌائڻ جي درخواست

اسلام آباد : پاڪستان ٽيڪس بار ايسوسيئيشن جي صدر ايف بي آر چيئرمين کي ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جو دورانيو 60 ڏينهن وڌائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
پاڪستان ٽيڪس بار ايسوسيئيشن جي صدر آفتاب حسين ناگرا ايف بي آر چيئرمين جاويد غني کي خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪورونا جي ٻي لهر ۾ مختلف نوعيت جي لاڪ ڊائون سبب ٽيڪس گوشوارا جمع ڪندڙن کي ڏکيائين پيش اچي رهيون آهن.
ايف بي آر به وبا سبب 50 سيڪڙو نفري تي ڪم ڪري رهيو آهي، انهن سببن کي ڏسندي هن ايف بي آر چيئرمين کي ٽيڪس گوشوارن جي تاريخ 31 جنوري 2021 تائين وڌائڻ جي سفارش ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔