هڪ سال ۾بصر132 ۽ ٽماٽن جي قيمت ۾ 93 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد: شماريات ج اداري پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، هڪ سال دوران بصر 132.52 سيڪڙو مهانگا ٿيا، جڏهن ته ٽماٽن جي قيمت ۾ 93.21 سيڪڙو واڌ ٿي.
انگن اکرن موجب، هڪ سال دوران اٽي جي قيمت ۾ 62.25 سيڪڙو، ايل پي جي ۾ 51.69 سيڪڙو، ڊيزل ۾ 33.08 سيڪڙو ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 27.65 سيڪڙو واڌ ٿي.
هڪ سال دوران ڪيلن جي قيمت 17.66 سيڪڙو ۽ مٽن جي قيمت 15.98 سيڪڙو وڌي، جڏهن ته بيف جي قيمت ۾ 13.54 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
اداري جي رپورٽ موجب، هڪ سال دوران آلو 30 سيڪڙو، کنڊ 19.10 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ جو گوشت 17.68 سيڪڙو سستو ٿيو.
هڪ سال دوران آنن جي قيمت ۾ 17.41 سيڪڙو ۽ چڻن جي دال جي قيمت ۾ 13 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي.
ان دوران مسور جي دال جي قيمت ۾ 12.29 سيڪڙو ۽ ڳڙ جي قيمت ۾ 6 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

ک

تبصرے بند ہیں۔