ڀارتي اداڪارا ڪورونا وائرس وگهي فوت

ممبئي: ڀارتي اداڪارا ديويا ڀٽناگر ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب ٽي وي انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا ديويا هڪ هفتي کان ڪورونا وائرس سان وڙهي رهي هئي ۽ طبعيت وڌيڪ بگڙڻ تي کيس وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو.
34 ورهين جي اداڪارا کي ڪورونا سان گڏوگڏ نمونيا به هئي، هوءَ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڪاميڊي شو ”تيرا يار هون مين“ جي شوٽنگ ڪري رهي هئي.
ديويا ڀٽناگر ڀارت جي مشهور ٽي وي سيريل ”يه رشتا ڪيا ڪهلاتا هي“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا، جڏهن ته ”سنسڪار ۽ اڙان“ ڊرامي ۾ به اداڪاري ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔