ڪرسي ڇڏي سگهان ٿو پر ملڪ سان غداري نه ڪندس: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نه دٻاءَ ۾ ايندس ۽ نه ڪنهن کي اين آر او ڏيندس. خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن وارا سمجهن ٿا جلسن سان مون تي ڪو دٻاءُ وڌندو ته اها انهن جي ڀُل آهي، اهي ڇا به ڪن ڪنهن کي اين آر او نه ملندو. هن چيو ته اپوزيشن جو اتحاد يونين آف ڪروڪس آهي، مون کي ڪرسي ڇڏڻي پئي ته ڇڏيندس پر ملڪ سان غداري نه ڪندس، اهي ڀلي جلسا ڪن پر ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن، جلسو ڪندڙ آرگنائيزر آهن، انهن ڪرسيون ۽ ٽرانسپورٽ ڏني آهي، سڀني تي ايف آءِ آر داخل ٿيندي. سندس چوڻ هو ته اهي لاهور ۾ جلسو ڪري رهيا آهن، لاهور ۾ تيزيءَ سان ڪورونا ڪيس وڌي رهيا آهن، اسان جا 78 ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿيا، گذريل ڏينهن 54 فوتگيون ٿيون آهن، قانون جي ڀڃڪڙي تي ڪيس داخل ٿ يندو پر اسان رنڊڪون نه وجهنداسين ته جيئن اهي ڊراما نه ڪن، اهي چي گويرا نه بڻجن، پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ جلسا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم موجب اسان پنهنجا جلسا رد ڪري ڇڏيا آهن، حڪومت کي جلسن جي اجازت ناهي، رڳو 300 ماڻهو گڏ ڪرڻ جي اجازت آهي پر جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته 300 ماڻهو به گڏ نه ٿيندا. عمران خان چيو ته 30 سال کان ٻه پارٽيون اقتدار ۾ رهيون، انهن اڳ ۾ هڪٻئي کي ڪرپٽ چيو، ٻه ڀيرا ڪرپشن تي فارغ ٿيا، پوءِ جنرل مشرف کين اين آر او ڏئي ڇڏيو، نواز شريف کي سعودي عرب موڪليو ويو، حديبيا پيپر ڪيس واضح هو، ان کي بند ڪيو ويو. هن چيو هاڻ اهي چئي رهيا آهن ته مشرف وارو اين آر او ڏيو، ان کان وڏي ملڪ سان ڪهڙي غداري هوندي؟ مشرف پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ اين آر او ڏنو، مون کي ڪرسي ڇڏڻي پئي ته ڇڏيندس پر ملڪ سان غداري نه ڪندس، منهنجو زندگي جو تجربو ٻين کان گهڻو مختلف آهي، جيئن مان زندگي گذاري شايد ئي ڪنهن کي اهڙي زندگي گذارڻ جو موقعو مليو هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔