سنڌو تهذيب پاڪستان جو تاج ۽ نوجوان عظيم ثقافت جا وارث آهن: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌي قوم کي واڌايون ڏنيون آهن. بلاول ڀٽو چيو آهي ته سنڌو تهذيب پاڪستان جو تاج آهي،نوجوان عظيم ثقافت جا وارث ۽ امين آهن. ايڪتا ڏهاڙي سان مهراڻ جي وادي ۾ قديم موسيقي توڙي جهمرين جهڙا فن نروار ٿين ٿا. ايڪتا جو ڏهاڙو ڀائيچاري جو پيغام آهي.مختلف ثقافتن، مذهبن ۽ رنگ نسل جي ماڻهن پاران رواداري ۽ امن سان گڏجي رهڻ جو نالو جديد دور آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔