جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريفرنس ۾ نظرثاني جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل ريفرنس جي فيصلي جي حوالي سان داخل نظرثاني جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان صدارتي ريفرنس ۾ ڏنل عدالتي فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته سرڪاري عهديدارن منهنجي ۽ گهرواري جي خلاف پروپيگنڊه مهم هلائي، ايف بي آر جي رپورٽ نه مون کي ملي ۽ نه گهرواري کي ڏني وئي. سندس چوڻ هو ته 19 جون 2020ع جي فيصلي جي پيراگراف 2 کان 11 تي نظرثاني ڪري واپس ورتو وڃي، جون جي فيصلي سان عدليه جي آزادي کي ايگزيڪٽو جي هٿ ۾ ڏني وئي ۽ عدليه جي آزادي ايگزيڪٽو جي هٿ ۾ ڏيڻ آئين جي خلاف آهي. هن پنهنجي درخواست ۾ وڌيڪ چيو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس کان پوءِ ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ درخواستن ۾ عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو، اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جو خانگي طور تي ريفرنس جو ٻڌائڻ جو مقص استعيفيٰ وٺڻ هو، سپريم ڪورٽ سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪونسل جي تعصب جي باري ۾ درخواست جي ٻئي حصي جي ٻڌڻي نه ڪئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته عمران خان جي حڪومت جي ڪيترن ئي عهديدارن جون پرڏيهه ۾ ملڪيتون آهن، علم ناهي ته هنن ملڪيتن کي پاڪستان ۾ پنهنجو ٽيڪس ريٽرنز ۾ ظاهر ڪيو يا نه، انهن عهديدارن ۾ سيد ذوالفقار عباس بخاري، شهزاد اڪبر، يار محمد رند، نديم بابر، عاصم سليم باجوه، شهباز گل شامل آهن جڏهن ته فيصل واوڊا ۽ عثمان ڊار به شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔