ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي: عثمان بوزدار

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته پي ڊي ايم جي جلسن مان اسان کي ڪا به پريشاني ناهي پر جيڪو به ڪورونا وائرس جي ڀڃڪڙي ڪندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. لاهور ۾ ميڊيا بريفنگ دوران پنجاب جي وڏي وزير چيو ته پنجاب ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس جون 13 هزار کان وڌيڪ ٽيسٽون ڪيون ويون، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيا، پنجاب ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ لاهور ۾ پهرين نمبر تي آهي، لاهور ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي، لاهور ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 10 سيڪڙو وڃي بچي آهي، پنجاب ۾ 2 هزار کان وڌيڪ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيا ويا، لاهور ۾ 625 کان وڌيڪ ماڳن تي اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو آهي. عثمان بوزدار چيو آهي ته حڪومت عوام کي ڪورونا کان بچائڻ جي لاءِ بندوبست ڪري رهي آهي، صحت کاتي طرفان سهڪار جاري آهي، اڄ ئي هڪ ارب رپين جي بجيٽ جاري ڪئي وئي آهي، ڪورونا جي مريضن جي علاج لاءِ اسپتالن کي نئين سر فعال ڪيو ويو آهي، ڪورونا انجيڪشن جي وڌيڪ خريداري لاءِ آرڊر ڏنا ويا آهن، پهرين کان مختص اسپتالن کي ٻيهر فعال ڪيو ويو آهي، ايڪسپو سينٽر ۾ 300 کان وڌيڪ بيڊ لڳايا ويا آهن، پنجاب ۾ 1400 کان وڌيڪ وينٽي ليٽر موجود آهن. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته پي ڊي ايم جي جلسن مان اسان کي ڪا به پريشاني ناهي، تحريڪ انصاف کان وڌيڪ وڏا جلسا ڪير به نٿو ڪري سگهي، اجتماعن جي حوالي سان عدالت جو فيصلو موجود آهي، اسان پنهنجا سمورا جلسا رد ڪري ڇڏيا آهن، جيڪو ڪورونا وائرس جي ايس او پيز جي ڀڇڪڙي ڪندو ۽ جتي جتي غير قانوني سرگرميون ٿينديون قانون جي موجب ڪارروائي ٿيندي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ لاهور جي حوالي سان سٺيون خبرون اينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔