مشهور اداڪار رجني ڪانت پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

نئين دهلي: ناليواري ڀارتي اداڪار رجني ڪانت پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا رجني ڪانت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته هو جنوري 2021ع ۾ پنهنجي سياسي پارٽي جو بنياد رکندو جيڪا ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندي.
اداڪار رجني ڪانت موجب هو تامل ناڊو رياست ۾ ڪرپشن کان پاڪ حڪومت آڻڻ چاهي ٿو ۽ هن جي پارٽي ضرور چونڊ کٽيندي.
هن چيو ته هو پنهنجي فلم ”اناٿ“ جي شوٽنگ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي سياسي ڪريئر جو باقاعده آغاز ڪندو ۽ ان ڀيري پوئتي نه هٽندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔