جمهوريت جي لاءِ تنقيد ضروري آهي، پي ٽي اي حوصلا حوصلا افزائي ڪري: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته جمهوريت جي لاءِ تنقيد ضروري آهي ۽ پي ٽي اي حوصلا شڪني بدران حوصلا افزائي ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله سوشل ميڊيا رولز بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پي ٽي اي جي وڪيل کي آزادي جو اظهار دٻائيندڙ ڀارت جو مثال ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته ڪير به قانون ۽ تنقيد کان مٿانهون ناهي، پي ٽي اي تنقيد جي حوصلا افزائي ڪري ڇو ته اِهو اظهار راءِ جو اهم ترين جز آهي، جيڪڏهن سوشل ميڊيا رولز سان تنقيد جي حوصلا شڪني ٿيندي ته اِها احتساب جي حوصلا شڪني هوندي، ڇو ڪير تنقيد کان ڊنل هجي، هر هڪ کي تنقيد کي منهن ڏيڻ گهرجي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته عدالتي فيصلن تي به تنقيد ٿي سگهي ٿي، رڳو فيئر ٽرائل متاثر نه ٿيڻ گهرجي ۽ جڏهن عدالتي فيصلا پبلڪ ٿي وڃن ته تنقيد تي توهين عدالت به نٿي بڻي، جمهوريت جي لاءِ ضروري آهي ته اڪيهين صدي ۾ تنقيد بند ڪنداسين ته نقصان ٿيندو. عدالت پي ٽي اي کي هدايت ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي مطمئن ڪري ته رولز آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي سان تڪراري ناهي، پاڪستان بار ڪونسل جا اعتراض مناسب ناهن، هي رولز به مائنڊ سيٽ جي نشاندهي پيا ڪن. عدالت پي ٽي اي کي سوشل ميڊيا بابت بڻايل حڪومتي رولز بابت پاڪستان بار ڪونسل جي اعتراضن کي نظر ۾ رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ پي ٽي اي کان ٻيهر جواب طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔