سجل ۽ احد رضا مير جو فوٽو شوٽ مداحن کي وڻي ويو

ڪراچي: دلڪش اداڪاره سجل علي ۽ اداڪار احد رضا مير جي فوٽوشوت تي مداحن ميڊيا تي خوب چرچا ڪيا.
سجل ۽ احد رضا مير جي جوڙي کي مداح ڪافي پسند ڪري رهيا آهن ۽ هنن جي نون نون مختلف فوٽن جا مداح ديوانا ٿي رهيا آهن، ٻنهي هڪ دفعو ٻيهر مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو جتي هنن جي رڳو تعريف ٿي رهي آهي.
احد رضا مير پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي فوٽوشوٽ جون تصويرون شيئر ڪيون جنهن تي مداحن جو چوڻ آهي ته ٻنهي جي جوڙي تمام گهڻي حسين آهي.
ان کان پهرين اداڪارن سجل علي کي فلم ۽ ٽي وي لاءِ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي تي دبئي ۾ عالمي ايوارد سان نوازيو ويو آهي جنهن تي ان جي مڙس کيس لاءِ پيغام موڪليو ته مونکي منهنجي زال تي فخر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔