اقتدار سنڀاليندي ئي هڪ سئو ڏينهن تائين ماسڪ پائڻ جي هدايت ڪندس: جوبائيڊن

واشنگٽن: نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته عوام کي صرف 100 ڏينهن تائين ماسڪ پائڻ جي هدايت ڪندس.
آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽروي ۾ جوبائيڊن چيو آهي ته هو صدارت جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ آمريڪي عوام کي هدايت ڪندو ته هو شروعاتي 1000 ڏينهن تائين ماسڪ پائن ته جيئن ڪورونا تي ضابطو آڻي سگهجي.
هن جو چوڻ هو ته عوام کي هميشه لاءِ نه چوندس ته هو ماسڪ پائن هيءَ صرف 100 ڏينهن جي ڳالهه آهي، يقين آهي ته جيڪڏهن هر آمريڪي ماسڪ پائيندو ته ڪورونا ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.
هن جو چوڻ هو ته هو سرڪاري ادارن ۾ به ماسڪ لازمي طور استعمال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندو.
جوبائيڊن وڌيڪ چيو ته سندس خيال ۾ جيڪڏهن عوام ماسڪ پائي ٿو ۽ ان سان گڏ ويڪسينيشن جو عمل به هوندو ته اسان ڪورونا کي تڪڙو ختم ڪري وٺنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔