ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج پهرين ڏينهن کان حڪومتي ڪوشش جو حصو آهي : ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي:ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج پهرين ڏينهن کان حڪومتي ڪوشش جو حصو آهي : ڊي جي آءِ ايس پي آر

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ڪورونا جي حوالي سان آگاهي مهم ۾ ميڊيا جي ڪردار جي ساراهه ڪئي آهي ۽چيو آهي ته ميڊيا اربين رپين جي آگاهي مهم مفت ۾ هلائي آهي .

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخارگلوبل وليج اسپيس  کي انٽريو ڏيندي ڀارت جي رياستي دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڊوزئير جي اهم نقطن کي اجاگر ڪيو ، ان کان سواءِ هن ايل او سي جي صورتحال ،سي پيڪ ، ففٿ جنريشن وارفيئر تي به ميجر جنرل بابر افتخارتفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي .

ميجر جنرل بابر افتخارجو چوڻ هو پاڪستان دهشتگردي ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ جو ڊوزئير ۾ ان جو ثبوت به سامهون آندو.

پاڪستان ڀارت جي انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ ملوث هئڻ جا ثبوت به سامهون آندا ، ڀارتي رياستي دهشتگردي جي ثبوتن کي عالمي برادري تمام گهڻو سنجيده ورتو آهي .

سندس چوڻ هو ته ڊوزئرسامهون اچڻ تي دنيا هاڻي ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي تي ڳالهائي رهي آهي ، سڀني ڀارتي ڪوششن جي باوجود عالمي فورمز ۽ ميڊيا تي بحث هلي پيو آهي .

ترجمان پاڪ فوج ٻڌايو ته پرڏيهي آفيس ڊوزئر کي پي 5 ۾ پيش ڪيو، وري گڏيل قومن جي سيڪريٽري کي پيش ڪيو ويو ، اسان هتي بيهنداسين نه ، عالمي سطح تي ان سنگين معاملي کي گهڻو اڳتي وڌي وينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔