مسجدن لاءِ نيون ڪورونا ايس او پيز تيار ڪرڻ لاءِ صدر عارف علوي عالمن جي وڊيو ڪانفرنس گهرائي ورتي

اسلام آباد: مسجدن لاءِ نيون ڪورونا ايس او پيز ٺاهڻ جي لاءِ صدر عارف علوي چئني صوبن جي گورنرن ۽ عالمن جي وڊيو ڪانفرنس اڄ گهرائي ورتي آهي.

رپورٽ موجب ڪورونا جي ٻئي لهر ۾ شدت کان پوءِ حڪومت مسجدن لاءِ ايس او پيز جو نئين سري سان جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ وبا کان بچاءُ لاءِ نيون ايس او پيز به تيار ڪيون وينديون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي خلاف قدمن جي حوالي سان صدر عارف علوي چئني صوبن جي گورنرن ۽ عالمن جي وڊيو ڪانفرنس گهرائي ورتي آهي جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه ۽ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير نورالحق قادري به شرڪت ڪندو.

جڏهن ته آزاد ڪشمير جو صدر ۽ گلگت بلتستان جي گورنر جو به وڊيو ڪانفرنس ۾ شرڪت جو امڪان آهي. پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور جو ان حوالي سان چوڻ هو ته ڪانفرنس ۾ 15 عالمن سان گڏ شرڪت ڪندس. ڪورونا کان بچاءُ لاءِ حڪومت عالمن کي گڏ کڻي هلندي ۽ انهن سان صلاح مشوري کان پوءِ ئي حڪومت ايس او پيز طئي ڪندي.

هن وڌيڪ چيو ته سمورن طبقن کي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. پي ڊي ايم به جلسن جي ضد ڇڏي ۽ عوام کي ڪورونا کان بچائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔