موسميات کاتي ملڪ ۾ ٿڌ جو 52 سالن وارو رڪارڊ ٽٽڻ جو امڪان ظاهرڪري ڇڏيو

لاهور: ملڪ ۾ 15 ڊسمبر کان ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو سلسلو شروع ٿي ويندو ۽ ٿڌ جي شدت ايتري وڌيڪ هوندي جو 52 سالن جو رڪارڊ به ٽٽي سگهي ٿو.

موسميات کاتي جي ماهرن موجب 15 ڊسمبر کان ٿڌ ۾ واڌ جو سلسلو شروع ٿي ويندو ۽ 25 کان 26 ڊسمبر جي دوران ٿڌ جي تيز لهر پاڪستان ۾  داخل ٿيندي. جنهن سبب گرمي پد 1 يا 2 ڊگري يا منفي 1 کان 2 تائين ڪري سگهي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ 52 سالن جو ٿڌ جو رڪارڊ به ٽٽي سگهي ٿو.

28 کان 29 ڊسمبر تائين سائبيريا جون هوائون پاڪستان ۽ هندستان ۾ داخل ٿينديون جنهن کان پوءِ  معمول واري زندگي به سخت متاثر ٿي سگهي ٿي.

14 ڊسمبر تي ڏينهن جو 8:41 منٽن تي مڪمل سج گرهڻ هوندو جيڪو ڏينهن جو 10:41 منٽن تي ختم ٿيندو. هي 20 سالن جو ڊگهو ترين سج گرهڻ هوندو جيڪو آمريڪا ۽ ٻين رياستن ۾ ڏٺو ويندو پر پاڪستان ۾ اهو نظر نه ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔