اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جلسن تي پابندي جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سياسي جلسن تي پابندي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سياسي جلسن تي پابندي جي درخواست رد ڪندي درخواست ٻڌڻ نه جوڳي قرار ڏئي ڇڏي. ان کان اڳ ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ جو موقف هو ته ملڪ ۾ وڏن عوامي ميڙن سان ڪورونا پکڙجڻ جو امڪان آهي. ان لاءِ اين سي او سي کي حڪم ڏنو وڃي ته هو آئوٽ دور جلسن بابت گائيڊ لائين تي پابندي ڪرائين. سياسي ۽ مذهبي اجتماعن کي روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ پيمرا کي حڪم ڏنو وڃي ته هو ڪورونا گائيڊ لائين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ  خبرون  هلائيندڙ چينلز کي روڪين.

وڪيل چيو ته اوهان جي تازن فيصلن ۾ چيو ويو هو ته اين سي او جي فيصلن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. اين سي او سي جي گائيڊ لائين جي باوجود ان جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اسان ته حڪم ڏئي ڇڏيو. جيڪڏهن ايگزيڪٽو ان تي عمل نه پئي ڪرائي سگهي ته اهو ايگزيڪٽو تي آهي. هتي پارليامينٽ آهي، ايگزيڪٽو آهي، جيڪڏهن سوسائٽي به پنهنجي ذميواري پوري ناهي ڪري  رهي ته عدالت ڇو مداخلت ڪري.

عدالتي حڪم تي  ڪير به عمل ناهي ڪرائي رهيو هي سياست ۾ مصروف آهن ته اسان ڇو مداخلت ڪريون. پٽيشنر کي پارليامينٽ تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي ۽ اتان کان ئي هن جو حل نڪري سگهي ٿو. اهڙي قسم جا معاملا عدالت ۾ نه اچڻ گهرجن. چيف جسٽس اطهر من الل پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڇا هي ملڪ قانون جي  عملداري تحت هلي رهيو آهي. اسان جا عام ماڻهو به ايس او پيز تي عمل ناهن ڪري رهيا. سڀني کان وڌيڪ غريب هن مان متاثر ٿيندا.

پارليامينٽ خاموش آهي، ايگزيڪٽو به عمل ناهي ڪرائي رهي. شهري به عمل ناهن ڪري رهيا. اسان ڇو غير ضروري مداخلت ڪريون جنهن کان پوءِ عدالت درخواست تي  فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔