ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ لڳا، هڪ ڏينهن دوران موذي وائرس 39مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي مريضن ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي وائرس وڌيڪ 39 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون. جڏهن ته 4 لک کان وڌيڪ  مريض ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوان سڄي ملڪ ۾ 42 هزار 904 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا.  جنهن کان پوءِ گڏيل  ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 56 لک 27 هزار 539 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 3 هزار 499 مريضن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 6 هزار 810 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ هڪ لک 77  هزار 625، پنجاب ۾ هڪ لک 21 هزار 083، خيبرپختونخواهه ۾ 47 هزار 919، اسلام آباد ۾ 31 هزار 165، بلوچستان ۾ 17 هزار 268، آزاد ڪشمير ۾ 7 هزار 067 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 683 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.  سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ وڌي  51 هزار 654 ٿي ويو آهي جنهن مان 2 هزار 469 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 39 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 8 هزار 205 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ هزار 586 مريضن ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ هن وبا جي خلاف جاري جنگ کٽيندڙ ماڻهن جو انگ 3 لک 46 هزار 951 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔