شهباز شريف ۽ حمزه شهباز پرول تي آزادي جو مُدو پورو ٿيڻ بعد ٻيهر جيل منتقل

لاهور: اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز پرول تي آزادي جو مُدو پورو ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوٽ لکپت جيل منتقل ٿي ويو. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جيل منتقل ٿيڻ کان اڳ گهرڀاتين ۽ پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، کين انتهائي سخت سيڪيورٽي جي پهري ۾ ماڊل ٽائون کان جيل منتقل ڪيو ويو، بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي سبب پنجاب سرڪار ٻنهي پيءُ پُٽ کي 6 ڏينهن لاءِ پرول تي آزاد ڪيو هو، لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔