پيٽرول بحران جون ذميوار نجي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز قرار، رپورٽ وزيراعظم حوالي

اسلام آباد: پئٽرول بحران جو ذميوار ڪير؟ جاچ ڪميٽي وزيراعظم عمران خان آڏو رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، ذريعن موجب رپورٽ ۾ نجي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز کي بحران جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته پئٽرول پمپس کي ڄاڻي واڻي تيل جي فراهمي بند ڪئي وئي، پئٽروليم وزارت ۽ ڊي جي آئل به تيل جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۾ ناڪام قرار ڏنو ويو. ذريعن موجب رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بحران جي وقت آئل ڪمپنيز وٽ پئٽرول موجود هو، حڪومتي ادارن ڪمپنيز جي تيل ذخيرن بابت جاچ نه ڪئي، جاچ ڪميٽي طرفان تيل بحران جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جي به سفارش ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔