وزيراعظم عوام کي هڪ ٻيو ڊرامو ڏسڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان عوام کي هڪ ٻيو ڊرامو ڏسڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي. ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته صوفي ازم ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهو ”يونس ايمري“ ڊرامو ضرور ڏسن. سندس چوڻ هو ته اهو سلسلو وار ڊرامو ضرور ڏسو، جنهن کي پي ٽي وي تي نشر ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته ترڪ ڊرامو سيريل ”ارتغرل غازي“ به پي ٽي وي تي نشر ڪيو پيو وڃي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ به وزيراعظم عوام کي صلاح ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔