وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت بلتستان روانو ٿيندو

اسلام آباد:   وزيراعظم عمران خان اڄ گلگت جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. دوري ۾ ان سان گڏ وفاقي ڪابينه جا ميمبر به گڏ هوندا.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان ڪابينه جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم عمران خان جي گلگت پهچڻ تي گورنر ۽ نئون چونڊيل وڏو وزير سندس استقبال ڪندو.

ان حوالي سان ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان نئين چونڊيل ڪابينه ميمبرن کي خطاب ڪندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ گورنر هائوس  گلگت بلتستان ۾ ٻن نيشنل پارڪن جو به افتتاح ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔