پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسز ۾ ڳڻتي جي حد تائين اضافو،هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ 75 فوتگيون

ڪراچي: ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر دوران فوتگين ۽ ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران رڪارڊ 75 فوتگيون ٿيون جيڪو ساڍي چئن مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ سڀني کان وڌيڪ فوتگيون آهن .

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 35197 ٽيسٽ ڪيا ويا ،جن مان 2829 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته ڪورونا وائرس جي ڪري وڌيڪ 75 ڄڻا پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا .

ان کان اڳ 10 جولاءِ تي هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا سان 75 فوتگيون رڪارڊ ٿيون هيون .ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 2079 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔