نيوزيلينڊ جو دورو: قومي ٽيم جي هڪ ٻئي رانديگر جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي

لاهور: نيوزيلينڊ ۾ موجود هڪ ٻئي پاڪستاني رانديگر جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي آهي جنهن کان پوءِ ڪورونا جو شڪار ٿيندڙ  رانديگرن جو گڏيل انگ 8 ٿي ويو آهي.

نيوزيلينڊ جي لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهين کان پوءِ پي سي بي طرفان جاري ڪيل اپ ڊيٽ موجب هينئر تائين پهرين، ٽئين ۽ ڇهين ڏينهن ٿيندڙ ڪورونا ٽيسٽنگ ۾ قومي اسڪواڊ جي 54 ميمبرن مان ٽوٽل 8 ڄڻن جا ٽيسٽ هاڪاري اچي چڪا آهن. ان 8 ميمبرن مان 2 کي هسٽارڪ(نان انفيڪشن) ڪيسز قرار ڏنو ويو آهي ان ڪري اهي ٻئي ميمبر اسڪواڊ جي ٻين ميمبرن سان گڏ ان منزل تي پنهنجي آئسوليشن جو مدو پورو ڪري رهيا آهن.

نائين ڏينهن(خميس) تي ٿيندڙ ڪورونا 19 ٽيسٽنگ ۾ جن ميمبرن جي ٽيسٽ جا نتيجا ناڪاري آيا آهن انهن کي نيوزيلينڊ جي صحت واري وزارت طرفان حتمي منظوري ملڻ کان پوءِ پنهنجي آئسولسيشن جي رهيل مدي ۾ ٽريننگ جي اجازت ملڻ جو امڪان آهي.

ٻارهين ڏينهن ڪيل ڪورونا 19 ٽيسٽ کان پوءِ جيڪي ميمبر آئسوليشن جي مدي جي 14 ڏينهن ٿيندڙ پنهنجو هيلٿ چيڪ اپ ڪليئر ڪرائيندا. انهن کي نيوزيلينڊ جي صحت واري وزارت طرفان حتمي منظوري ملڻ کان پوءِ مينيجڊ آئسوليشن ڇڏڻ جي اجازت هوندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نه صرف نيوزيلينڊ ۾ موجود قومي رانديگر ٽيم جي مينجمينٽ سان لاڳيتو رابطي ۾ آهن پر اهي انهن کي ٽريننگ ۾ واپسي بابت هر اپ ڊيٽ کان به آگاهه ڪري رهيا آهن.

ٽيم مينجمينٽ ۾ سمورا رانديگر ان عمل کي سپورٽ ڪري رهيا آهن ۽ هو نيوزيلينڊ جي حڪومت جي مقرر قانون تحت جلد کان جلد ٽريننگ جي شروعات جي اوسيئڙي ۾ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔