ڪوڙي ڊگري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو اسسٽنٽ رجسٽرار برطرف

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي عورت اسسٽنٽ رجسٽرار کي ڪوڙي ڊگري تي نوڪري تان فارغ ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله وڏو فيصلو ٻڌائيندي 18هين گريڊ جي آفيسر صائمه خان کي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو. ايڊيشنل رجسٽرار امتياز احمد طرفان صائمه خان جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. صائمه خان تي ڊگري ڪوڙي هئڻ جا الزام لڳا هئا جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي هئي. ان ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ صائمه خان جي ڊگري ڪوڙي قرار ڏني هئي. جاچ رپورٽ جي روشني ۾ عدالت هن جي برطرفي جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عورت آفيسر 10 سالن تائين ڪوڙي ڊگري تي نوڪري ڪندي رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔