ملڪ کي لڳل مرض جو علاج ميثاق جمهوريت تي عمل آهي: آصف علي زرداري

ڪراچي: ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته ملڪ کي لڳل مرض جو علاج ميثاق جمهوريت تي عمل آهي. آصف زرداري پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس ۾ پي ڊي ايم پارٽين جي شرڪت تي ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين جي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪيان ٿو، ثابت ٿيو ته سياسي ڪارڪن لٺ، گولي ۽ جيل کان نٿا ڊڄن. آصف زرداري چيو ته اطمينان جي ڳالهه آهي ته جمهوريت جو جهنڊو نوجوانن سنڀاليو آهي، پارليامينٽ جي بالادستي، آئين جي حڪمراني ۽ جدوجهد فتح ياب هوندي، ملڪ کي لڳل مرض جو علاج ميثاق جمهوريت تي عمل آهي، جمهوريت ۽ سياسي پارٽين کي ڪمزور ڪرڻ سان قومي ٻڌي متاثر ٿيندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔