ايل اين جي ريفرنس: شاهد خاقان عباسي پاران شيخ رشيد کي شاهد طور طلب ڪرڻ جي درخواست

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ريفرنس ۾ ريلوي واري وزير شيخ رشيد کي شاهد طور طلب ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي. شاهد خاقان عباسي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اپيل ڪئي آهي ته شاهدن کي ترتيب سان گهرايو وڃي، پهرين نمبر تي موجود شاهد کي اڳ ۾ گهرايو وڃي. ن ليگ اڳواڻ موجب ايل اين جي ريفرنس ۾ شاهدن جي فهرست ۾ شيخ رشيد جو نالو پهرين نمبر تي آهي ۽ نيب شيخ رشيد جو نالو ريفرنس ۾ دانهن ڪندڙ طور به شامل ڪيو هو. احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس لاءِ هر هفتي هڪ ڏينهن مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻ هر هفتي هڪ ڏينهن ايل اين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي . عدالتي حڪومت موجب ٻڌڻي دوران رڳو اڌ ڪلاڪ جو وقفو ڪيو ويندو. احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔