اسلام آباد مان ڪمبوڊيا پهتل هاٿي ڪاون نئون ساٿي ٺاهي ورتو

ڪمبوڊيا: اسلام آباد مان ڪمبوڊيا پهتل هاٿي ڪاون نئون ساٿي ٺاهي ورتو آهي. 36 ورهين جي ڄمار واري هاٿي کي دنيا جو اڪيلو هاٿي سڏيو ويندو هو پر هاڻ هو اڪيلو ناهي. اٺن سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو هن هڪ ٻئي هاٿي سان سنگت رکي آهي. ڪمبوڊيا جي چڙها گهر جي عملدار مارٽن باور جو چوڻ هو ته ڪاون هاٿي جي زندگي ۾ اهو تمام اهم لمحو آهي جو هن کي نه رڳو پنهنجي جيوت مطابق ماحول مليو آهي پر پرسڪون زندگي گذارڻ جو موقعو پڻ. عملدار جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪجهه عرصو ڪاون هاٿي کي ڪنٽرولڊ ماحول ۾ رکيو ويندو ته جيئن هو اتان جو عادي ٿئي، جنهن بعد هن کي ٻين هاٿين سان گڏ ڇڏيو ويندو. واضع رهي ته ڪاون هاٿي کي تازو ئي اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر مان ڪمبوڊيا منتقل ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔