پوري دنيا ۾ منهنجِي رڳو هڪ ئي ملڪيت آهي: اسحاق ڊار

ڪراچي: اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار لنڊن ۾ پرڏيهي خابرو ادارَي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته پوري دنيا ۾ منهنجِي رڳو هڪ ئي ملڪيت آهي، پاڪستان ۾ موجود اُن ملڪيت تي حڪومت جو قبضو آهي. اسحاق ڊار چيو ته لنڊن ۾ منهنجي ڪا به ملڪيت ناهي، دبئي وارو گهر ٻارن جو آهي، جيڪي اتي 17 سالن کان ڪاروبار ڪري رهيا آهن، پنهنجا سمورا اثاثا ظاهر ڪري چڪو آهيان، نيب سياسي مخالفن خلاف انتقام لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي، هڪ سوال جَي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته فوج جو سڄو ادارو نه پر اُن جا ڪجهه ماڻهو پاڪستان ۾ جمهوريت کي ڪمزور ڪري رهيا آهن، جيڪي مارشل لا لڳائيندا رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔