ڪنڌڪوٽ ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻن ڌاڙيلن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ويجهو ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ ٻن ڌاڙيلن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويل مان ڌاڙيل الاهو عرف ڏاڏو سبزوئي ۽ شاهه ڏنو عرف پنهو سبزوئي جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ امجد شيخ جو موقف آهي ته مهر برادري جو ڏوهارين سان جهيڙو ٿيو، پوليس پهچي مهرن سان گڏجي ڏوهارين سان مقابلو ڪيو، جنهن ۾ 2 ڌاڙيل ڏاڏو ۽ شاهه ڏنو سبزوئي مارجي ويا، جن تي 10-10 لک رپيا انعام رکيل هو، 2 ڏوهاري زخمي به ٿيا، ٽن ڄڻن جَي مارجي وڃڻ ڪري علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔