سنڌجي اوڻٽيهه ضلعن ۾ اڄ کان پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع ٿيندي

ڪراچي: پوليو ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ طرفان سڄي سنڌ ۾ 30 نومبر کان 6 ڊسمبر تائين پوليو مهم هلائي ويندي. پوليو مهم ۾ سنڌ جي 29 ضلعن ۾ 5 سالن کان ننڍي عمر جي 90 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا جنهن مان 20 لک کان وڌيڪ ٻار ڪراچي ۾ آهن.هن مهم دوران ڊبليو ايڇ او طرفان ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ سمورين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو ويندو جنهن ۾ پوليو ورڪرز کي ماسڪ پائڻ ۽ مقرري کان اڳ بخار چيڪ ڪرائڻ، ٻارن کي سڌو سنئون نه سنڀالڻ، گهرن ۾ داخل نه ٿيڻ، گهر ڀاتين سان محدود وقت گذارڻ ۽ قلم يا ٺونٺ سان دروازي تي کڙڪو ڪرڻ شامل آهي. سنڌ جي اي او سي ترجمان موجب ڪورونا وائرس جي نتيجي ۾ مارچ کان جولاءِ تائين پوليو مهم نه هلائي ويندي پر آگسٽ کان ٻارن ۾ قوت مدافعت وڌائڻ جي لاءِ هر مهيني پوليو مهم هلائي پئي وڃي. جيڪڏهن اسان انهيءَ رفتار سان پوليو مهم جاري رکنداسين ته جلد ئي ان جا بهترين نتيجا سامهون ايندا. پوليو جهڙي بيمنارين کان بچاءُ جي ويڪسين جي ذريعي بچي سگهجي ٿو. ۽ اسان ان باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا جا ٿورائتا آهيون. پاڪستان ۽ افغانستان دنيا جا ٻه ملڪ رهجي ويا آهن.جتي پوليو جا ڪيس اڃان به آهن.پاڪستان ۾ 2020 ۾ 81 پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان 22 ڪيس سنڌ ۾ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔