ننڍپڻ ۾ غلطي سبب نڪ ۾ ويل سڪو ڪيتراٸي سال گذرڻ کان پوءِ ڪڍيو ويو

ٻارڙا راندين ۾ اڪثر غلطي سبب پنهنجي وات، نڪ يا ڪن ۾ ڪجهه وجهي ڇڏيندا آهن پر ڪجهه ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ننڍپڻ ۾ پنهنجي نڪ ۾ ڪجهه وڌو هجي ۽ اهو ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ڪڍيو هجي؟ٻڌڻ ۾ اها ڳالهه ته حقيقت کان پري لڳي رهي آهي پر اهو سچ آهي ته روسي شهري 6 سالن جي عمر ۾ پنهنجي نڪ ۾ علطي سبب سڪو وجهي ڇڏيو هو ۽ اهو 59 سالن جي عمر ۾ ان جي نڪ مان ڪڍيو ويو آهي. مقامي اسپتال جي ڊاڪٽرن ٻڌايو آهي ته ان وٽ تازو ئي هڪ انوکو ڪيس آيو. مريض جو چوڻ هو ته گذريل ڪيترن مهينن کان هو نڪ جي کاٻي حصي مان ساهه نه پيو کڻي سگهي. جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن 59 ساله مريض جو سي ٽي اسڪين ڪيو جنهن ۾ هن ڏٺو ته ان جي نڪ جي کاٻي پاسي ڪنهن شيءَ سبب بلاڪ آهي.ان کان پوءِ ڊاڪٽرن اينڊواسڪوپي جي ذريعي ان جي نڪ مان اها شيءَ ڪڍي ۽ ان کي ڪڍڻ کان پوءِ ڊاڪٽرن حيران ٿي ويا ته اهو هڪ سڪو آهي. ڊاڪٽرن جڏهن مريضن کي اهو سڪو ڏيکاريو ته مريض کي ياد آيو ته جڏهن مان 6 سالن جو هئس ته غلطي سبب منهنجي نڪ ۾ اهو سڪو هليو ويو هو ۽ منهنجي امڙ تمام گهڻي سخت هئي. جنهن جي ڪري مون پنهنجي امڙ کي ان باري ۾ نه ٻڌايو ۽ مان پاڻ اهو وساري ويٺو هئس ته منهنجي نڪ ۾ سڪو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔