سنڌ ۾ ڪورنا وائرس وگهي وڌيڪ 14 مريضن دم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورنا وائرس وگهي وڌيڪ 14 مريضن دم ڏئي ڇڏيو. وڏي وزير مراد علي شاهه پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب گذريل چويهن ڪلاڪن دوران قاتل وبا ۾ 24 مريض فوت ۽ 1389 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڪورونا وگهي فوتي مريضن جو انگ وڌي 2911 ۽ گڏيل طور ڪيسن جو تعداد هڪ لک 71 هزار 5سئو 95 ٿي ويو آهي. وائرس جا ڪراچي ۾ 11 سئو هڪ نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا، حيدرآباد ۾ 63، بدين ۾ 32، ڄامشور 28، سانگهڙ 22، ميرپورخاص 16، سجاول ۾ 15 ڪيس ظاهر، ٺٽو، بينظير آباد ۽ مٽياري ۾ 14_14 ڪيس رپورٽ، نوشهروفيروز 9، عمرڪوٽ 8، قمبر ۽ لاڙڪاڻي ۾ 2_2، دادو، ڪشمور، سکر ۽ ٽنڊوالهيار ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔