نقيب الله محسود جي قتل جي موقعي تي رائو انوار موجود نه هو :فرانزڪ ماهر

ڪراچي: موبائل ڪال ڊيٽا ريڪارڊ (سي ڊي آر) جي هڪ ماهر دهشتگردي ٽوڙعدالت جي سامهون شاهدي ڏني آهي ته اڳوڻو ايس ايس پي ملير رائو انوار ان وقت موجود نه هو، جڏهن نقيب الله محسود کي عدالت کان مٿاهون قتل ڪيو ٿي ويو.

ظاهري طورائين لڳي ٿو ته اڳوڻي ايس ايس پي کي ان ڏس ۾ ڪلين چٽ ملي ويندي.

ان کان اڳ اي ٽي سي جي ڪارروائي دوران انسپيڪٽر حنيف ۽ سي ڊي آر جي ماهر ٽن ٻين ماڻهن عدالت جي روبرو شاهدي ڏني هئي ته ان ڪارروائي دوران رائو انوار، ڊي ايس پي قمر ۽ ٻيا جوابدار موجود هئا

فرانزڪ ماهر ٻڌايو ته ان علاقي جي جيو فينسنگ رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته عدالت کان مٿاهين قتل جو مرڪزي جوابدار رائو انوار ۽ 9 جي ويجهو ٻيا اهلڪار مقابلي وقت موجود نه هئا ۽ قتل کانپوءِ واقعي واري هنڌ پهتا هئا .

”اهو مقابلو منجهند جو 3:00 کان 3:20 تائين ٿيو هو ۽ جيو فينسنگ وسيلي حاصل ڪيل اهلڪارن جي جاين مان معلوم ٿيو ته اهي ان جي ڪجهه منٽن کانپوءِ پهتا هئا.

اڳوڻو ايس ايس پي به مقابلي واري هنڌ موجود نه هو اهو بعد ۾ پهتو جڏهن ته ڊي ايس پي قمر به ساڍي ٽين وڳي اتي پهتو هو

جوابدارن جي وڪيل شاهدن جي جاچ به ڪئي ،جنهن کانپوءِ عدالت ڪارروائي 7 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي ڪيس جي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪري ورتو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔