ملتان ۾ پي ڊي ايم جِي ريلي، جلسو روڪڻ لاءِ سيل ڪيل اسٽيڊيم ۾ داخل، چڪريون، لٺبازي

ملتان: ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي روڪڻ لاءِ قلعه ڪهنا اسٽيڊيم کي سيل ڪرڻ بعد ڇڪتاڻ واري صورتحال، پ پ، نواز ليگ ۽ جي يو آءِ ڪارڪن رڪاوٽون ۽ تالو ٽوڙي اسٽيڊيم ۾ داخل، اسٽيڊيم ٻاهران مقرر پوليس طرفان ڪارڪنن کي روڪڻ جي ڪوشش، اهلڪارن ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون، پي ڊي ايم ڪارڪن ڪرين، سروٽا ۽ ڏنڊا کڻي اسٽيڊيم پهتا، پوليس اسٽيڊيم ڏانهن ويندڙ سمورا رستا ڪنٽينرز رکي بند ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻ موسيٰ گيلاني چيو آهي ته رڪاٽون ٽوڙي اسٽيڊيم جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، سومر تي هر صورت ۾ جلسو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔