سنڌ حڪومت ٻيٽن تي نئين شهر لاءِ اين او سي جاري ڪري سياست شروع ڪئي: اسد عمر

سکر: سنڌ حڪومت ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ بعد سياست شروع ڪري ڇڏي، وفاق اڃا به صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڏنگي ۽ بُنڊاڙ ٻيٽ تي اسان جا ذاتي ٺيڪا نه آهن، نئون شهر اڏڻ سان سنڌ کي ئي فائدو ٿيندو، سڀني ڏٺو ته سنڌ سرڪار ٻيٽن لاءِ منصوبن تي منظوري ڏيڻ بعد سياست ڪئي، سکر ۾ پريس ڪانفرنس دوران اسد عمر چيو ته سنڌ ۾ اٽي سوڌو عام واهپي جي شين جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، صوبائي وزير وفاق تي الزام مڙهڻ بدران عوام جا مسئلا حل ڪن، ان کان اڳ نوجوانن جي تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته سنڌ جي ترقياتي لاءِ وفاقي سرڪار صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اُميد ته پ پ سرڪار عوام جي ووٽ جو قرض لاهيندي، سکر جي ترقي لاءِ پيڪيج تيار ٿيڻ بعد وزيراعظم گذارش ڪنداسين ته پاڻ اچي منصوبن جو اعلان ڪري، سکر ٽن صوبن کي ڳنڍيندڙ شهر آهي، افسوس جو اُن جي ترقي تي ڌيان ناهي ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔