اسٽيل ملز جي ملازمن کي نه پر عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسٽيل ملز جي ملازمن کي نه پر عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ گهرجي، ظالم حڪومت هڪ ئي ڌڪ سان اسٽيل ملز جي ساڍن چئن هزار ملازمن کي برطرف ڪيو آهي.سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته برطرف ڪريل سمورن ملازمن کي بحال ڪيو وڃي.هن چيو ته اسٽيل ملز جا صنعتي اثاثا، سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهن،اسان پي ٽي آءِ جي حڪومت کي پورهيتن جي معاشي قتل عام جي اجازت نه ڏينداسين.واضح رهي ته اسٽيل ملز جي 8 هزارن مان ساڍن چار هزار ملازمن کي هڪ ئي ڌڪ سان برطرف ڪيو ويو آهي،حڪومت جي ان عمل خلاف پورهيت سراپا احتجاج آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔