نواز شريف والده کي دفنائڻ نه آيو، اسان جي چوڻ تي ڪيئن ايندو: اعجاز شاهه

ننڪانه صاحب: وفاقي گهرو وزير برگيڊيئر ريٽائرڊ اعجاز شاهه چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي والده کي دفنائڻ نه آيو، اسان جي چوڻ تي ڪيئن ايندو.ننڪانه صاحب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعجاز شاهه چيو ته بابا گروناننڪ جي جنم ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ آيل سک ياترين کي سموريون سهولتون ڏينداسين، ڀارت پاران سک ياترين کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي.هن چيو ته اسان جي حڪومت ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي رهي آهي، پر جيڪو ڪجهه ڪشمير ۾ پيو ٿئي، ان مان لڳي نٿو ته ٻئي حڪومتون ويجهو اينديون.اعجاز شاهه چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪيون ٿا، نواز شريف پنهنجي امڙ کي دفنائڻ نه آيو، اسان جي چوڻ تي ڪيئن ايندو، حڪومت نواز شريف کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيئن پنهنجي سزا پاڪستان ۾ ڪاٽي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔