نوازشريف ۽ شهباز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر لاهور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

لاهور: شريف ميڊيڪل سٽي ۾ اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف ۽ شهباز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي،ان جي جنازي نماز علاما راغب نعيمي پڙهائي.لاهور ۾ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي امڙ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.جنازي نماز ۾ شهباز شريف، حمزه شهباز، شاهد خاقان عباسي، آزاد ڪشمير جي وزير اعظم فاروق حيدر، راڻا ثناءَ الله، خواجا آصف، سردار اياز صادق، پرويز رشيد، راجا ظفرالحق، چوڌري شير علي،غلام احمد بلور، امير مقام ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.بيگم شميم اختر جي مڙهه جي ميان محمد شريف جي پاسي ۾ تدفين ڪئي ويندي، آچر ڏينهن قل خواني ۾ صرف خاندان جا ڀاتي شرڪت ڪندا.واضح رهي ته نوازشريف جي امڙ 22 نومبر تي لنڊن ۾ وفات ڪري وئي هئي. گذريل ڏينهن لندن ۾ جنازي نماز جي ادائيگي بعد مڙهه اڄ صبح جو لاهور پهچايو ويو..مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سان مختلف سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران تعزيت جو سلسلو به جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔