ماضي جي حڪومتن ملڪي مفاد تي ذاتي مفاد کي اوليت ڏني: شبلي فراز

ڪوهاٽ: وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن ملڪي مفاد تي ذاتي مفاد کي اوليت ڏني، موجودهه حڪومت جي پهرين اوليت مهانگائي جو خاتمو آهي. ڪوهاٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شبلي فراز چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي پاليسين جي واکاڻ ڪئي وئي.وفاقي وزير چيو ته عمران خان جو ڪوبه ذاتي مفاد ناهي،هو پاڪستان کي خوشحال بنائڻ گهري ٿو…هن چيو ته اهڙو نظام قائم ڪنداسين، جنهن ۾ عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو موقعو ملي.شبلي فراز چيو ته خيبرپختون خوا جي هر شهري کي 10 لک رپين تائين مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔