گوگل جي ڊوڊل وسيلي بانو قدسيه کي ڀيٽا

انٽرنيٽ جي سڀ کان وڏي سرچ انجڻ گوگل پاران پاڪستان جي جڳ مشهور ناول نگار، ڊراما نويس ۽ ڪهاڻيڪار بانو قدسيا کي ان جي 92 هين سالگره تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي .

گوگل ماضي ۾ به پاڪستان جي ڪيترن ئي اديبن،شاعرن ،لکارين،رانديگرن،سياستدانن۽سماجي شخصيتن کي ڊوڊل وسيلي ڀيٽا پيش ڪندو رهيو آهي .

گوگل هر ملڪ ۾ اتان جي شخصيتن کي انهن جي سالگره يا ورسي جي موقعي تي ڊوڊل وسيلي ڀيٽا پيش ڪندو رهندو آهي .

گوگل بانو قدسيه جو ڊوڊل 28 نومبر شروع ٿيندي ئي جاري ڪيو هو جنهن ۾ ناليواري ليکڪا کي ان جي روايتي لباس ۽ انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔