پي ڊي ايم طرفان اجازت نه ملڻ باوجود سومر تي هر صورت ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان

ملتان :ملتان انتظاميا پي ڊي ايم کي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار بعد قلعه ڪهنا اسٽيڊيم سيل ڪري ڇڏيو، اسٽيڊيم ڏانهن ويندڙ سمورا رستا ڪنٽينرز رکي سيل ڪيا ويا ، وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪار مقررڪياويا، پي ڊي ايم طرفان اجازت نه ملڻ باوجود سومر تي هر صورت ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيوويو، نواز ليگ ۽ پ پ پ اڳواڻن جي ملتان آمد جاري، گيلاني هائوس ۾ جلسي جي حوالي سان اڄ صلاح مشورا ڪيا ويندا، جلسي ۾ آصفه ڀٽو، مريم نواز، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اپوزيشن اڳواڻ شرڪت ڪندا، بلاول ڀٽو طرفان ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ بعد وڊيو لنڪ ذريعي جلسي کي خطاب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔