پاڪستان ۾ ڪورونا تيزي سان وڌڻ لڳو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 45 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد :پاڪستان ۾ ڪورونا تيزي سان وڌڻ لڳو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 45 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 3 هزار 45 نوان ڪيس ظاهر، حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ مريض ڪورونا وگهي فوت، فوتي پيرسن وريل عمرڪوٽ جو رهواسي هو، مٽياري ۾ ڪورونا جا 14 نوان ڪيس ظاهر، ميرپور خاص ۾ وڌيڪ 13 ڄڻا وائرس جو شڪار، نوشهروفيروز ۾ وائرس جا وڌيڪ 12 ڪيس ظاهر  ٿيا آهن، ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون طرفان ڪورونا جَي ڦهلاءُ جِي ذميوار پي ڊي ايم قرار، فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پي ڊي ايم وارا ذاتي مفادن جي سياست لاءِ عوام جي زندگين کي داءُ تي لڳائي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان واضح ڪري چڪو آهي ته اپوزيشن ڪجهه به ڪري، اين آر او نه ملندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔