خوشبو ۽ محبتن جي شاعره پروين شاڪر جي 68 هين سالگره

خوشبو ۽ محبتون جي شاعره پروين شاڪر جيڪڏهن جيئري هجي ها ته زندگي جون 68 بهارون ڏسي رهندي هجي ها .

محبتن ۽ خوشبوئن کي شعرن ۾ سمائڻ واري پروين شاڪر24 نومبر 1952 ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿي ، هن نهايت ئي ننڍڙي عمر ۾ ئي شاعري شروع ڪئي.

پروين شاڪر جي والد جو نالو سيد شاڪر حسن هو ، سندس ناني حسن عسڪري کيس ادب جي دنيا ۾ آندو.

پروين شاڪر کي شاعري جي دنيا ۾ احمد نديم قاسمي جهِڙي اديب جي سرپرستي حاصل رهي ، سندس ناليواري ڪتابن ۾ خوشبو، صد برگ، خودڪلامي، انڪار ۽ ماهِ تمام شامل آهن .

پروين شاڪر تعليمي دور جي آخر کان ئي اردو مباحثن ۽ مختلف علمي ۽ ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندي رهي هئي ، تعليم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هوءَ 9 سالن تائين پڙهائڻ جي شعبي سان لاڳاپيل رهي .

خوشبو جي شاعره جي لقب سان شهرت ماڻيندڙ پروين شاڪر اردو غزل جي رومانوي ڪيفيت کي نسواني رنگ ڏنو ، سندس پهرين ئي ڪتاب ”خوشبو“ کي ادبي ايوارڊ سان نوازيو ويو. پروين شاڪر کي پاڪستان سرڪار پاران پرائيڊ آف پرفارمنس جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو .

پروين شاڪر 26 ڊسمبر 1994 تي اسلام آباد ۾ هڪ ٽريفڪ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي ، پر هوءَ پنهنجي لفظن جي چونڊ ۽ لهجي جي نرمي سبب اڄ به دلين ۾ زنده آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔