ڪراچي جي واپارين سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ڪورونا ايس او پيز مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي جي واپارين سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نيون ڪورونا ايس او پيز کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ ايسوسيئيشن حڪومت جي صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ڪاروبار ڪرڻ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي صدر جاويد قريشي جو چوڻ آهي ته ننڍا واپاري اڳ ئي بي وس ٿي چڪا آهن سنڌ حڪومت کي ڪيل فيصلن تي نظرثاني جي اپيل ڪريون ٿا.

واپاري اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ جي معيشيت خاص طور تي ننڍا واپاري ان ايس او پيز تي عمل نٿا ڪري سگهن.  سنڌ حڪومت پاران ڏنل ٽائيم سبب  بازار ۾ رش وڌندي جنهن سان ڪورونا ڪيس تيزي سان وڌندا. جاويد قريشي جو چوڻ هو ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل نٿا ڪري سگهون. مزاحمت ڪرڻي پئي ته ڪنداسين. واپاري اڳواڻ رفيق جدون چيو ته ڪورونا سڄي ملڪ ۾ آهي.

الله سڀني جي حفاظت ڪري. پر صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين ڪاروبار کولڻ جو فيصلو انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. هن چيو ته ڪاروبار اڳ ئي ناهي مشڪل سان گذارو ٿي رهيو آهي سڄي شهر کي بند ڪرڻ مناسب ناهي.

ياد رهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا ڪيسن جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي نيون ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيون آهن جنهن جي تحت ڪاروباري مرڪز صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کولي سگهجن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔