پاڪستان جي پهرين عورت شهيد پائلٽ مريم مختيار جي پنجين ورسي

ڪراچي: هوائي فوج جي پهرين شهيد فلائينگ آفيسر پائلٽ مريم مختيار جي پنجين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي

ملڪ جون نياڻيون به پنهنجي ڀائرن سان وطن جي دفاع ۾ گڏ گڏ آهن  ، اهو ئي عز م کڻي هوائي فوج ۾ شامل ٿيڻ واري مريم مختيار به شهادت جو جام پي ڪري پاڪستان جي پهرين عورت شهيد پائلٽ جو اعزاز حاصل ڪيو.

قوم جي هن بهادرنياڻي 24 نومبر 2015 تي تربيتي جهاز تي معمول جي اڏام دوران ميانوالي جي ويجهو فني خرابي جي ڪري جهاز تباهه ٿيڻ سان شهيد ٿي وئي هئي ، جهاز ۾ خرابي ٿي ته بهادر مريم جهاز جو رخ غيرآباد علائقي ڏينهن موڙي ڇڏيو .

مريم مختيار سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ 18 مئي 1992 ع ۾ اکيون کوليون ، هن انٽر ميديٽ جو امتحان آرمي پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج ملير ڪينٽ مان پاس ڪيو .

هوءَ فٽبال جي بهترين رانديگر هئڻ سان گڏ نيشنل وومين فٽبال چيمپئن شپ ۾ بلوچستان يونائيٽيڊ جي لاءِ به کيڏي چڪي آهي .

مريم مختيار 2014 ع ۾ پاڪستان ائير فورس ۾ گريجوئيٽ طور شموليت اختيار ڪئي ، سندس تعلق پي اي ايف 132 هين جي ڊي پائلٽ ڪورس سان هو ، جنهن ۾ 6 ٻيون عورتون به شامل هيون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔