خوراڪ کاتي جو وفاقي وزير فخر امام ڪورونا وائرس جو شڪار

خانيوال: خوراڪ کاتي جو وفاقي وزير فخر امام ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. خانداني ذريعن موجب ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ فخر امام پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

فخر امام 2 ڏينهن اڳ ڪبير والا ۾ ڪڻڪ پوکيو مهم جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي هئي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جو ڪورونا ٽيست به هاڪاري آيو هو. ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ تي حليم عادل شيخ پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو هو.

سنڌ  جو صنعت ۽ واپار وارو وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جو به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو هو. ڄام اڪرام الله ڌاريجو جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن کان ٿڪاوٽ ۽ هلڪو بخار محسوس ڪري رهيو هئس. ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔