ڪورونا وائرس بنگالي اداڪار سومترا چٽرجي کان زندگي کسي ورتي

ممبئي: ڪورونا وائرس جو شڪار بنگالي اداڪار سومترا چٽرجي 85 سالن جي عمر ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
ميڊيا رپورٽ موجب سومترا چٽرجي جو ڪورونا ٽيسٽ، مثبت اچڻ کانپوءِ کيس 6 آڪٽوبر تي ڪولڪته جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي هن جو علاج هلندڙ هو، ان وقت هن جي طبيعت ٺيڪ هئي پر ڪجهه ڏينهن کان هن جي حالت خراب ٿيندي وئي، ڊاڪٽرن چيو ته هاڻ ڪو معجزو ئي کيس بچائي سگهي ٿو.
سومترا چٽرجي 1959 ۾ بنگالي فلمي دنيا ۾ قدم رکيو هو ۽ هن جي پهرين فلم سان ئي کيس ڪاميابي حاصل ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔