افغانستان ۾ سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن ۾ 8 طالبان مارجي ويا

ڪابل: افغانستان جي صوبي قندوز جي ضلعي دشت ارچي ۾ ويڙهه دوران سرڪاري فورسز جي ٽن اهلڪارن ۽ 8 طالبانن سوڌو 11 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته دشت ارچي ۾ جهڙپن جو سلسلو گذريل ڏينهن شروع ٿيو هو جيڪو هن وقت تائين جاري آهي.
قندوز جي گورنر جي ترجمان عصمت الله مرادي چيو ته دشت ارچي ۾ طالبان طرفان سيڪيورٽي فورسز تي حملي کان پوءِ ٻنهي طرفان ويڙهه شروع ٿي.
عصمت الله مرادي چيو ته ضلعي ۾ طالبان سان ويڙهندڙ فورسز کي وڌيڪ نفري موڪلي وئي آهي.
ويڙهه دوران ٿيندڙ جاني نقصان بابت هن ٻڌايو ته جهڙپن ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا آهن ۽ وڌيڪ 3 زخمي ٿي پيا آهن.
هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز کي جهڙپن ۾ فضائيا جي مدد به حاصل آهي.
سندس چوڻ هو ته هن وقت تائين طالبان جا 8 ويڙهاڪ مارجي ويا آهن ۽ وڌيڪ 13 زخمي آهن جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز طالبان کي جهڪائڻ جي ڪوشس ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔